بحث صفحا مشورو 2019/لکپڙهه/پڌرو

This page is a translated version of the page Talk pages consultation 2019/Communication/Announce/Phase 1 and the translation is 96% complete.
Outdated translations are marked like this.

اڳ کان موجود شريڪ گروپ جي چڪاس ڪريو پنهنجو شريڪ گروپ ٺاهيو. توهان جو گروپ ڪيئن رابطو ڪندو؟

ڳاله ٻوله لاءِ اسان سان ڳالهايو

 

وڪيميڊيا فائونڊيشن رابطي بابت عالمي مشاورت لاءِ هڪ رٿابندي ڪري رهي آهي. مقصد هي آهي ته رابطي لاءِ اوزار بهتر ڪرڻ لاءِ وڪيميدئنز ۽ وڪي-خيال رکندڙ ماڻهن کي گڏ ڪجي.

اسان چاهيون ٿا ته سڀئي ڀاڱيدارَ وڪيءَ تي هڪَٻِئي سان ڳالهائڻ جي قابل ٿين، جيڪو به انهن جو تجربو، سندن مهارتن يا سندن ڊوائسز هجن.

مختلف ڀاڱن جي وڪيميڊيا برادرين ڏانهن جيتري قدر ٿي سگهي اسان سيڙپ (اِن پُٽ) لاءِ نِهاري رهيا آهيون. اهو هڪ کان وڌيڪ منصوبن، هڪ کان وڌيڪ ٻولين، ۽ هڪ کان وڌيڪ نقطہ نظر سان گڏ ايندو.

هينئر اسان صلاح مشوري لاءِ رِٿابندي ڪري رهيا آهيون، اسان کي توهان جي مدد کپي.

پنهنجي برادرين يا واپرائيندڙ گروهن سان ڳالهائڻ لاءِ اسان کي رضاڪار جي مدد کپي.

توهان پنهنجي وڪيءَ ۾ بحث مباحثو ڪرڻ يا ڪنهن موجوده ۾ حصو وٺڻ ذريعي مدد ڪري سگهو ٿا. هتي ڇا ڪجي:

  1. پهريون، پنھنجي گروپ کي سائنِ اَپِ ڪريو يا چڪاس ڪريو ته اھڙو ھڪڙو هتي موجود آھي.
  2. جيڪڏهن گروپ موجود نه آهي،ته اڳيون، پنهنجي گروپ جي ٻين ماڻهن کان معلومات گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ صفحو ٺاهيو (يا هڪ ڳوٺ پمپ تي، يا هڪ اي-ميل وارو سلسلو - جيڪو توهان جي گروپ لاء قدرتي آهي) . هي هڪ ووٽ يا فيصلو-سازي جي بحث ناهي: اسان صرف واپس مٽي ملندڙ راءِ (فيڊ بئڪ) گڏ ڪري رهيا آهيون.  
  3. پوءِ انهن ماڻهن کان پڇو ته اهي انهن مواصلاتي عمل جي باري ۾ ڇا سوچين ٿا. اسان ڪهاڻيون ۽ ٻئي معلومات بابت ڳالهيون ٻڌڻ چاهيون ٿا ته ڪيئن وڪيءَ تي ماڻھو هڪَٻئي سان رابطو ڪن ٿا. مهرباني ڪري هنن پنجن سوالن کي نظر ۾ رکي پڇا ڪريو:
    1. جڏهن توهان پنهنجي ڪميونٽي سان هڪ موضوع تي بحث ڪرڻ چاهيندا، توهان جي لاءِ ڪهڙو اوزار ڪم ڪيو آهي ۽ توهان کي ڪهڙي ڏُکيائي روڪي ٿي؟
    2. نوان ايندڙ بحث صفحن جو استعمال ڪندا آهن ۽ انهن کي بحث صفحن جو استعمال ڪرڻ مهل کين ڪهڙي شيءِ روڪِي ٿي؟
    3. توهان جي برادريءَ ۾ بحث صفحن بابت ٻين کي ڪهڙي جفاڪشي ڪرڻي پوندي آهي؟
    4. توهان بحث صفحن تي ڇا چاهيو ٿا ته توهان ڇا ڪري سگهو ٿا، پر ٽيڪنيڪي حد بندين سبب اهو نٿا ڪري سگهو؟
    5. "وڪي بحث مباحثو" جا اهم پاسا ڇا آهن؟
  4. آخرڪار، مهرباني ڪري بحث صفحا مشورو 2019 ميڊياوڪي.آرگ تي وڃو ۽ رپورٽ ڏيو ته توهان پنهنجي گروپ مان ڇا سکيو. جيڪڏهن بحث مباحثو عوامي طور موجود آهي ته مهرباني ڪري ڳنڍڻو (لنڪ) شامل ڪريو.

توهان ماڻهن جي هڪٻئي سان ڳالهائڻ واري ڪيترن ئي مختلف طريقن جي فهرست ٺاهڻ ۾ پڻ مدد ڪري سگهو ٿا.

وڪيز تي سڀئي گروپ فعال ناهين يا وڪيز جي چوُگرد ڳالهين تي بحث ڪرڻ لاءِ هڪ ئي طريقو استعمال ڪندا آهن: اهو وڪي تي ٿي سگهي ٿو، سماجي نيٽ ورڪ تي، خارجي اوزارن وسيلي ... اسان کي ٻڌايو ڪيئن توهان جو گروپ پاڻ ۾ رابطو ڪندو آهي.

توهان ميڊياوڪي.آرگ تي سڄي عمل بابت پڙهي سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان وٽ سوال ۽ خيال آهن، ته توهان پنهنجي ترجيح واري ٻوليءَ ۾ صلاح مشوري جي عمل جي باري ۾ راءِ ڇڏيو.

توهان جي مهرباني! اسان توهان سان ڳالهائڻ لاءِ اڳتي نِهاري رهيا آهيون.